تازہ ترین

January 8, 2025

Year : 2025

تعليم کاتي ٿرپارڪر ضلعي جي 566 گوسڙو استادن ۽ ملازمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي ٿرپارڪر ضلعي جي 5 سئو 66 گوسڙو استادن ۽ ملازمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، چيف مانيٽرنگ آفيسر پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ پرائمري سائيڊ جا هڪ سئو 68 استاد ۽ 2 سئو 61 عادي گوسڙو استاد شامل آهن، سيڪنڊري سائيڊ جا 52 ۽ هڪ سئو 15 عادي گوسڙو شامل […]

گوري خان، شاهه رخ جي فلمن جي فلاپ ٿيڻ لاءِ دعائون گھرندي هئي!

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ جا مداح واقف آهن ته ان جي ڪامياب ڪيريئر جي پويان سندس گھر واري گوري جو تمام وڏو هٿ آهي، پر خبر آهي ته گوري ٻين زالن جي ابتڙ شاهه رخ جي ڪاميابيءَ بجاءِ ان جي فلمن جي فلاپ ٿيڻ جون دعائون گھرندي هئي! ڀارتي ميڊيا […]

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر صائم ايوب علاج ڪرائڻ لنڊن پهتو

لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر صائم ايوب علاج ڪرائڻ لنڊن پهچي ويو، پي سي بي جي چيئرمين جي هدايت تي انگلينڊ جا اسپورٽس آرٿو ڊاڪٽر اڄ صائم ايوب جو چيڪ اپ ڪندا، صائم ايوب جي ڀيڏيءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي فريڪچر ٿي پيو هو.

ڪئنيڊا قيامت تائين آمريڪا ۾ ضم نه ٿيندو: جسٽن ٽروڊو

اوٽاوا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڪئنيڊا قيامت تائين آمريڪا ۾ ضم نه ٿيندو، ڪئنيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت جواب، ڪئنيڊين پرڏيهي وزير ميلاني جولي چيو آهي ته ٽرمپ کي سمجهه ئي ناهي ته ڪئنيڊا جي اصل طاقت ڇا آهي؟ ڪئنيڊا ڪڏهن به ڌمڪين جي آڏو نه جهڪندو، ڪنزرويٽو اپوزيشن ليڊر جو چوڻ آهي […]

غزا ۾ رهائشي علائقن تي اسرائيلي بمباري، وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ رهائشي علائقن تي اسرائيلي حملا جاري، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا، والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي حملي ۾ حماس ڪمانڊر سميت 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي آبادڪارن فلسطينين جي گهرن ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي، اسرائيلي فوج پاران اتر غزا ۾ ٻن […]

ٺاروشاهه ڀرسان 12 ورهين جي نينگري کي مامن پاران زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش

ٺاروشاهه (ويب ڊيسڪ) ٺاروشاهه ڀرسان 12 ورهين جي نينگري کي مامن پاران زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش، پيءُ ڌيءَ کي ساڻ ڪري ٺاروشاهه پريس ڪلب پهچي ويو، رمضان شاهه جو چوڻ آهي ته ڌيءَ پنهنجي مامن جي گهر ۾ رهندي آهي، سالن سندس مرضي خلاف نشو واپرائيندڙ گونگي نوجوان سان افسانا جي زبردستي شادي ڪرائڻ لاءِ […]

اوٻاوڙي ڀرسان شادي دوران هوائي فائرنگ ۾ هڪ نينگري مارجي وئي، ٻي زخمي

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي ڀرسان شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ دوران هڪ نينگري مارجي وئي، ٻي نينگري زخمي ٿي پئي، ڳوٺ گلڻ چاچڙ ۾ هوائي فائرنگ دوران 8 ورهين جي شهناز چاچڙ گوليءَ جو کاڄ بڻجي وئي ۽ 6 ورهين جي رابعا چاچڙ زخمي ٿي پئي، زخمي نينگريءَ کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ رحيم […]

پي ٽي آءِ باني خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو پاڪستاني عدالتن کي ڪرڻو آهي: آمريڪا

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو پاڪستاني عدالتن کي ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ باني جا ڪيس پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب هجن، هو پاڪستان کان جمهوري اصولن، آئيني ۽ انساني حقن جي حڪمراني جو مطالبو ڪن ٿا، انساني […]

ڪراچي ايئرپورٽ تان مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ 30 مسافر آف لوڊ ڪيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تان مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ 30 مسافر آف لوڊ ڪيا ويا، ايڊوانس هوٽل بڪنگ، خرچن جي رقم نه هجڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو، آف لوڊ ٿيندڙ مسافر چين، سعودي عرب، ملائيشيا، يوگنڊا، عمان، تنزانيا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا هئا.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.