واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو پاڪستاني عدالتن کي ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ باني جا ڪيس پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب هجن، هو پاڪستان کان جمهوري اصولن، آئيني ۽ انساني حقن جي حڪمراني جو مطالبو ڪن ٿا، انساني حقن بابت پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اهم آهن.