تازہ ترین

Dharti TV News

ايس ايف اِي ايم اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايس ايف اِي ايم جي اجلاس ۾ پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل اڍائي رپيا مهانگو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ پيٽرول ڊويزل کي مقامي ريفائنريز جي 5 کان 6 ارب ڊالرن جي اپ گريڊ منصوبن کي […]

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس، غزه ۾ بنادير ۽ غير مشروط جنگبندي جو ٺهراءُ منظور

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس، غزه ۾ بنادير ۽ غير مشروط جنگبندي جو ٺهراءُ منظور، اجلاس ۾ اسرائيل ۽ حماس کان يرغمالين جو به مطالبو ڪيو ويو، ٺهراءَ جي منظوري لاءِ 193 مان 158 ووٽ پيا، آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين 7 ملڪن ٺهراءَ جي خلاف ووٽ ڏنو، 13 ملڪن جا […]

اسرائيل جي غزه ۾ بمباري، هڪ ئي ڪٽنب جا 22 ڄڻا شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي غزه ۾ وحشياڻي بمباري جاري، اسرائيلي بمباريءَ دوران هڪ ئي ڪٽنب جا 22 ڄڻا شهيد ٿي ويا، بيت لاهيا ۾ اسرائيلي فورسز بمباري ڪئي، شهيد ٿيندڙن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل، شهيدن جو فلسطينين جو انگ وڌي 44 هزار 805 ٿي ويو.

شام ۾ باغين پاران بشار الاسد جي حڪومت جي سڪيورٽي فورسز ختم ۽ جيل بند ڪرڻ جو اعلان

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام ۾ باغين پاران بشار الاسد جي حڪومت جي سڪيورٽي فورسز ختم ڪري بدنام زمانا جيلن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، شام جي باغي اڳواڻ ابو محمد الجولاني جو چوڻ آهي ته هو ٽيڪنوڪريٽس حڪومت جوڙيندا، سندن گروپ جي موجوده وقتي حڪومت مارچ 2025ع تائين ڪم ڪندي، هو ڪيميائي هٿيارن […]

ريڊ بال ڪوچ ٽِم نيلسن جو پي سي بي سان معاهدو پڄاڻيءَ تي پهتو

اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) ريڊ بال ڪوچ ٽِم نيلسن جو پاڪستان ٽيم سان سفر ختم، پي سي بي ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچ ٽم نيلسن جي معاهدي ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي، ٽم نيلسن جو چوڻ آهي ته هو واڌ جي حوالي سان انتظار ڪري رهيو هو پر پي سي بي ٻڌايو ته اوهان جون خدمتون […]

سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي عادل بازئي بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي عادل بازئي بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ جو پڇاڻو ڪيو ته عادل بازئي ڪيس جي ۾ حقيقتون جاچڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ڪهڙي انڪوائري ڪئي؟ ان موقعي تي جسٽس عقيل عباس رمارڪس ڏيندي […]

مدرسن جا چوڪيدار آهيون، رجسٽريشن ۽ نصاب جي حوالي سان واويلا اجائي آهي: طاهر اشرفي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفيءَ چيو آهي ته مدرسن جا چوڪيدار آهيون، دنيا جي ڪا به طاقت مدرسن جو نصاب تبديل نه ٿي ڪري سگهي، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۽ نصاب جي حوالي سان واويلا اجائي آهي، مدرسن جي رجسٽريشن واري نظام […]

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سنڌ جي هاءِ ويز سان خاص دشمني آهي: شازيه عطا مري

اسلام آباد (ويب ديسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مريءَ چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سنڌ جي هاءِ ويز سان خاص دشمني آهي، سنڌ جي هاءِ ويز تي رحم ڪيو وڃي، سنڌ هر طرح سان پاڪستان جي ترقي ۾ حصو ڳنڍي رهي آهي، پ پ اڳواڻ شازيه عطا مري قومي اسيمبلي ۾ […]

پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سرفهرست هو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد سرفهرست هو، ٻنهي پارٽنرشپ 9 مئي تي به هئي ۽ پوءِ به هلندي رهي، ثابتين سان سامهون ايندو ته ڪهڙي طرح 2018 ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي، پي ٽي آءِ […]

ٻيهر رستن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪريو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ٻيهر رستن تي اچڻ تي مجبور نه ڪريو، هي ايوان انصاف نه ڏيندو، روڊن تي عوام جو احتجاج جمهوريت جو حصو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سان زيادتي ٿي، انهن تي گوليون هلايون ويون، قومي اسيمبليءَ اجلاس کي خطاب ڪندي بئريسٽر […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.