تازہ ترین

Dharti TV News

ايم ڪيو ايم اهڙي ڳالهه نه ڪري جنهن جي هو پاڻ ذميوار آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غنيءَ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اهڙي ڳالهه نه ڪري جنهن جي هو پاڻ ذميوار آهي، ايم ڪيو ايم وارا هاڻي چون ٿا ته واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي تباهه ٿي ويا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ايم […]

شهيد شبير شريف جو اڄ 53هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اوڻويهه سئو پنجهٺ ۽ 1971 جي جنگ ۾ دشمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندڙ شهيد شبير شريف جو اڄ 53هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، تقريب ۾ ميجر شهيد شبير شريف جي مزار تي گل رکيا ويا، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج پاران شهيد ميجر […]

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي: موسميات کاتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، ڪشمير ۽ گلگت ۾ موسم وڌيڪ ٿڌي رهڻ جو […]

مشهور قوال عزيز ميان جي وڇوڙي کي 24 سال گذري ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوفياڻين ڪلامن ۽ قواليءَ کي نرالي انداز ۾ ڳائي امر ڪندڙ عزيز ميان قوال کي وڇڙئي 24 ورهيه وهامي ويا، پرائيڊ آف پرفارمنس حاصل ڪندڙ عزيز ميان قوال نرالي، ڳري ۽ رعبدار آواز ۾ قوالي ڳائڻ سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شهرت ماڻي.

پي ٽي آءِ باني خلاف ملڪ ۾ داخل ڪيسن جو انگ وڌي 188 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني خلاف ملڪ ۾ داخل ڪيسن جو انگ وڌي 188 تي پهچي ويو، گهرو وزارت جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ باني خلاف پنجاب ۾ 99 ڪيس، ڪي پي ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ 76 ڪيس داخل آهن، ايف آءِ اي ۾ پي ٽي باني خلاف 7 […]

اسٽاڪ مارڪيٽ: 100 انڊيڪس لک 9 هزار پوائنٽن جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ هڪ رڪارڊ قائم، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 9 هزار پوائنٽس جي حد به پار ڪري ويو، ٽريڊنگ دوران پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ هزار هڪ سئو کان وڌيڪ پوائنٽس ۾ اضافو، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 9 هزار 380 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جا اڄ 2 اجلاس ٿيندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جا اڄ 2 اجلاس ٿيندا، پهرئين اجلاس ۾ سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججز جي مقرري تي غور ڪيو ويندو، ٻئي اجلاس ۾ جسٽس شاهد بلال جي آئيني بينچ ۾شموليت تي ويچاريو ويندو، جسٽس منصور علي شاهه طرفان اجلاس ملتوي ڪرڻ […]

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسحاق ڊار سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ معاملن جي حل لاءِ پ پ حڪومتي ڪميٽي جي ملاقاتن تي اتفاق ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري سان ڪي پي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات ڪئي، ڪي پي گورنر بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اي […]

چين، تائيوان کي هٿيار وڪرو ڪندڙ 13 آمريڪي فوجي ڪمپنين ۽ سربراهن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين، تائيوان کي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي 13 آمريڪي فوجي ڪمپنين ۽ انهن جي سربراهن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تائيوان کي هٿيار وڪرو ڪرڻ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳاڙهي لڪير ڪڍڻ برابر آهي، آمريڪي ڪمپنين ٽيلي ڊائن برائون انجنئيرنگ، برنڪ ڊرونز انڪارپوريشن، […]

آمريڪا ايران جي وڌيڪ 35 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، ايران سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 35 ڪمپنين تي پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو، آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران غير قانوني طور تيل وڪرو ڪري پئسا ايٽمي پروگرام، ميزائل ۽ ڊرونز جي تياري ۾ لڳائي رهيو آهي، جنهن تي پابنديون لڳايون ويون آهن، آمريڪا غير قانوني آپريشنز ۾ ملوث شيڊو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.