شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد روس ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي
ماسڪو (ويب ڊيسڪ) شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد روس ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي، روسي ميڊيا موجب بشار الاسد ۽ سندس گهرڀاتي ماسڪو ۾ موجود آهن، روس انساني همدردي جي بنياد تي بشار الاسد کي پناهه ڏني آهي، روسي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته شام ۾ روسي فوجي اڏا هاءِ الرٽ آهن.