ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني اسپنر ڇائنجي ويا، 102رنس تي مهمان ٽيم جا 9 رانديگر آئوٽ ٿي ويا، نعمان علي جي هيٽ ٽرڪ، نعمان علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هيٽ ٽرڪ ڪندڙ پهريون پاڪستاني اسپنر بڻجي ويو، نعمان علي 4 ۽ ساجد خان 2 وڪيٽون ورتيون، ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ ڪاشف علي به هڪ وڪيٽ وٺي پنهنجو کاتو کوليو، ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ ڪاشف علي پنهنجي پهرين اوور ۾ ويسٽ انڊيز جي رانديگر مڪائل لوئيس کي 4 رنس تي ڪيچ آئوٽ ڪرائي وڪيٽ حاصل ڪئي، ويسٽ انڊيز جي ٻي وڪيٽ 9 رنس تي ڪري پئي، ويسٽ انڊيز جو ٻيو رانديگر بنا ڪا رنس ٺاهڻ جَي ساجد خان جَي بال تي آئوٽ ٿيو، ويسٽ انڊيز جي ٽيم مشڪلاتن جو شڪار.