اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس 28 جنوري تي طلب ڪري ورتو، تحريڪ انصاف پاران اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو، حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، پي ٽي آءِ هن وقت تائين شرڪت کان معذرت ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ لکت ۾ ناهي ڏنو ته هو ڳالهيون ختم ڪري رهي آهي، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ هاڻ ڪنهن به ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شرڪت نه ڪندي، اڄ حڪومت رڳو يارنهن منٽن ۾ 8 قانون پاس ڪري ڇڏيا، سمورن قانون تي صدر جو به اعتراض هو، ان تي ڪو به بحث نه ڪيو ويو، عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ ورچوئل مارشل لا لڳي چڪو آهي، اها لاقانونيت آهي، ڪميٽي ميمبر صاحبزادا حامد رضا جي مدرسي تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪن ٿا.