تازہ ترین

سنڌ سان گيس سميت مختلف معاملن تي زيادتيون ٿي رهيون آهن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي ۾ گيس جي بندش خلاف رٿ گڏيل طور منظور، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سان گيس سميت مختلف معاملن تي زيادتيون ٿي رهيون آهن، آئين ۾ لکيل آهي ته جنهن صوبي مان گيس نڪري ٿي سڀ کان پهريان حق ان صوبي جو آهي، وفاق جي ذميواري آهي ته آئين ۾ جيڪو لکيل آهي ان تي عمل ڪرايو وڃي، اهو تاثر غلط آهي ته لوڊشيڊنگ آهي، لوڊشيڊنگ نه پر گيس ئي ناهي، ماروي فصيح چيو ته صوبي کي پنهنجي ضرورت مطابق گئس نه ٿي ملي. اسان وٽ 18 هين ترميم موجود آهي سنڌ جي حقن لاءِ به اٿارڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم ميمبر عامر صديقي چيو ته وڏي وزير کي گهرجي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ گئس واري مسئلي کي اٿاري، جماعت اسلامي ميمبر به رٿ جي حمايت ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.