لاس اينجلس (انٽرنيشل ڊيسڪ) لاس اينجلس جي اتر ۾ ٻيلن ۾ نئين باهه پکڙجي وئي، 19 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، ڪاسٽائڪ ليڪ ويجهو جبلن کي باهه لڳي وئي، 5 هزار ايڪڙ ايراضي باهه جي گهيري ۾ اچي وئي، هيليڪاپٽر ۽ ننڍا جهاز به باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهن، لاڳاپيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.