اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسيءَ بينچز جي اختيارن جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ جي معاملي تي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ ۽ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس 13 جنوري تي جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عرفان سعاد جي بينچ جي سامهون مقرر هئا، بينچز جي اختيارن بابت سوال بينچ جي سامهون اٿاريو ويو جنهن تي فيصلو جاري ٿيو، 16جنوري تي بينچ ٻيهر جوڙي وئي. خط موجب جسٽس عقيل عباسي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طور فيصلو جاري ڪيو هو ۽ لاڳاپيل ڪيس ٻڌي نه سگھيو هو، آفيس کي هدايتون جاري ڪيون ته ڪيس کي بينچ جي سامهون 20 جنوري جي ڏينهن هڪ وڳي مقرر ڪيو وڃي، اسان کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪيسز مقرر ناهن ڪيا ويا. جڏهن ته آئيني بينچز جي اختيارن وارو ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ حامد خان ۽ منير اي ملڪ کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو، بينچ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان مدد طلب، ڇا ججز ڪميٽي جڊيشل آرڊر باوجود بينچ تبديل ڪري سگهي ٿي؟ سپريم ڪورٽ جو سوال، توهين عدالت ڪارروائي جي اختيار ۾ عدالت اهڙو سوال نه ٿي ڪري سگهي: ايڊيشنل اٽارني جنرل ، اوهان رڳو اسان کي ٻڌندا: جسٽس منصور علي شاهه جو ايڊيشنل اٽارني جنرل کي جواب، عدالت بينچز جي اختيارن بابت ڪيس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.