اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ کي ايندڙ ٻڌڻي تي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته انٽراپارٽي اليڪشن ڪيس 30 اپريل 2024 کان هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ طرفان لکت ۾ جواب جمع ناهي ڪرايو ويو، بئريسٽر گوهر کي 5 درخواستن ۽ نوٽيس تي جواب جمع ڪرائڻو آهي، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آئين ۽ قانون موجب انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس تي جواب جمع ڪرايو هو، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن مان پارٽي سرٽيفڪيٽ ملندو.