اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي خلاف اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هي ڪيس سياسي بنيادن تي ٻڌل هو، پراسيڪيوشن پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، اسد قيصر جو چوڻ آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي.