واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ميڪسيڪو جي سرحد تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان، غير قانوني ۽ پرڏيهين جي آمريڪا ۾ داخلا فوري طور بند ڪرڻ ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جو به حڪم، چيائين آمريڪا ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪنداسين، آمريڪا ۾ موجود تيل ۽ گئس جا ذخيرا استعمال ڪنداسين، صدر ٽرمپ قومي توانائي ايمرجنسي به لاڳو ڪري ڇڏي، سندس چوڻ هو ته سموريون حڪومتي سينسرشپ ختم ڪري اظهار راءِ جي آزادي کي واپس آڻينداسين، حڪومت جي طاقت هاڻي سياسي مخالفن خلاف استعمال نه ٿيندي، اسان ڪينال چين کي نه پر پانامه کي ڏنو هو، پانامه کان ڪينال واپس وٺنداسين، پنهنجي طاقت جو اندازو جنگيون کٽڻ نه پر روڪرائڻ لاءِ لڳائيندس، ٽرمپ جو گلف آف ميڪسيڪو کي گلف آف آمريڪا جو نالو ڏيڻ جو به اعلان، عوام کان کسيل طاقت اسٽيبلشمينٽ کان واپس وٺنداسين، آمريڪا کي ٻيهر عظيم ملڪ بڻائينداسين، ملڪي سرحدن جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، عوام کي سندن آزادي، جمهوريت ۽ دولت واپس ملندي، آمريڪي رهواسين لاءِ اڄ آزادي جو ڏينهن آهي.