اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاران بچاءُ واري وزير خواجا آصف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، وزيراعظم پاران نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اڏامون شروع ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار، ان موقعي تي وزيراعظم پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوادر ايئرپورٽ خطي ۾ مواصلاتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم قدم آهي، نوازشريف جي دور ۾ سي پيڪ جي شروعات ٿي هئي، سموري قوم چين جي قيادت ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي، چين هميشه پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.