راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين جي ڪاميابي پاڪستان لاءِ ضروري سمجهون ٿا، ڳالهين ۾ تڪڙ ڪرڻ بدران صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري جا دعوت ناما سرڪاري سطح تي ناهن آيا، عرفان صديقي کي ڳالهيون معطل ڪرڻ نٿو جڳائي. باني چيو آهي ته 7 ڏينهن اندر ڪميٽي نه ٺهي ته گڏجاڻي نه ٿيندي، مطالبن ۾ اڳڀرائي لاءِ حڪومت جي جواب جو انتظار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺهي ته پوءِ ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي، وائڙائپ جو شڪار حڪومت ڳالهين تي ڌيان ڏي.