رستم (ويب ڊيسڪ) رستم ڀرسان ڌاڙيلن جو اڳوڻي ايم پي اي غالب ڊومڪي تي حملو، فائرنگ ۾ سندس 2 محافظ قتل، غالب ڊومڪي، سندس گهر جِي هڪ عورت ۽ هڪ گارڊ زخمي، محافظن جِي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته غالب ڊومڪي سکر کان بخشاپور وڃي رهيو هو ته رستي ۾ مٿس حملو ٿيو، پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو غالب ڊومڪي تي ٿيل حملي ۽ سندس ٻِن محافظن جَي قتل تي افسوس جو اظهار، سنڌ حڪومت کي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جون هدايتون، گهرو وزير ضياءَ لنجار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان رپورٽ گهُري ورتي.