ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ برفباري، مستونگ، ڪوئيٽا، زيارت، ڪوزڪ ٽاپ، خانو زئي کان مهتزئي ۾ برفباري، ماڻهو گهرن تائين محدود، ڪاروهنوار ٺپ، ڪالام ۽ مالم جبا جي جابلو علائقن ۾ برفباري جو نئون سلسلو شروع، ليا ۾ پارو ڪاٽو 9، گوپس ۾ ڪاٽو 6، اسڪردو ۽ مالم جبا ۾ ڪاٽو 4 رڪارڊ، استور، هنزا ۽ پارا چنار ۾ پارو ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي سبب گاڏين جي اچ وڃ متاثر.