تازہ ترین

سنڌ جي چپڙي ۽ يڪتاري جي بي تاج بادشاهه جلال چانڊيو جي وڇوڙي کي 24 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) سنڌ جي چپڙي ۽ يڪتاري جي بي تاج بادشاهه جلال چانڊيو کي وڇڙئي 24 ورهيه وهامي ويا، سندس ڳايل ڪلامن جي اڄ به جهرجهنگ گونج آهي. جلال چانڊيو 10 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي. سنڌ جي سريلي ۽ يگاني فنڪار 1948ع ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گھر ۾اکيون کوليون، سندس ڳوٺ سنڌ جي ساهتي پرڳڻي ضلعي نوشهروفيروز ۾مصري واهه لڳ ڦل شهر جي ويجھو واقع آهي. جلال چانڊئي جو والد هڪ مالوند ماڻهو هو، ان وقت جلال جي والد وٽ ڀلي نسل جون مينهون، ٻڪريون ۽ رڍون وڏي انگ ۾ هونديون هيون. ان ڪري جلال ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي گھر جو مال چاريندو هو. سندس والد چاهيو ٿي ته جلال درزڪو هنر سکي ۽ ڪاريگر بڻجي پنهنجو پيٽ گذر ڪري، جنهن لاءِ عملي طور جلال جي والد پنهنجي ڳوٺ کان 10-12 ڪلوميٽر پرڀرو ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ درزڪو هنر سکڻ لاءِ جلال کي ڇڏيو جتي جلال چانڊيو درزڪو ڪم سکندو هو پر جلال جڏهن جوانيءَ جي ڏاکي تي قدم رکيو ته عشق سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هو درزڪو ڪم اتي جو اتي ڇڏي ورهه جو ويراڳي بڻجي ويو. ان ڏس ۾ جلال چانڊئي عشق جي آڙاهه ۾ اندر جي آويءَ کي پچائڻ بجاءِ ان کي آلاپ وسيلي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو سهارو وٺي پوري جوش، جنون ۽ جلال سان اظهارڻ لاءِ موسقيءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو. ايئن ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي هن سريلي فنڪار عوام جي دلين ۾ پنهنجي محبت جا کيما کوڙي مشهوريءَ جي بلندين تي پهچي ويو.  

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.