ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران فصلن جي نقصان جي ازالي لاءِ فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ حڪومت فصلن جي انشورنس جو ھڪ سال لاءِ پائلٽ پروجيڪٽ خريف 2025 شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پھرئين مرحلي ۾ ٻن ضلعن لاڙڪاڻو ۽ گھوٽڪي ۾ ٽرائل بنياد تي انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويندو، زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مھر جو چوڻ آهي ته امڪاني ٻوڏ، برساتن، بيمارين، گرمي، جيت لڳڻ ۽ موسمياتي تبديلين سبب فصلن کي ٿيندڙ نقصان جي ڪراپ انشورنس ٿيڻ ضروري آھي، سنڌ حڪومت آبادگارن جي مدد لاءِ بينظير ھاري ڪارڊ شروع ڪيو، ڪوشش آھي ته بينظير ھاري ڪارڊ جي مد ۾ آبادگارن کي ڪراپ انشورنس جي سھولت فراھم ڪيون.