ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته نين منڊين جي ڳولا وقت جي اهم ضرورت آهي، 9 سال اڳ اسٽاڪ مارڪيٽن جو لڳايل ٻوٽو مضبوط وڻ ٿي بيٺو آهي، ڪورونا بعد مختلف ملڪن جي معيشتن جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو هو، 2017ع ۾ سياسي غير يقيني واري صورتحال سبب معيشت کي نقصان پهتو، وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو ويو، اسحاق ڊار جو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت جي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن تي ڪم جاري آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ لاءِ توانائي شعبي ۾ سڌارا اڻٽر آهن.