حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ نينگر قتل ٿي ويو، ھٽڙي باءِ پاس وٽ جهيڙي دوران زاھد علي چانگ گولين جو کاڄ بڻجي ويو، مقتول نينگر جي وارثن جو لاش ھٽڙي باءِ پاس تي رکي ڌرڻو، ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، مقتول جي وارثن جو مطالبو ڪيو ته نينگر جي قاتلن کي بنادير گرفتار ڪيو وڃي.