خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ بدامني خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو، ڌرڻي سبب سکر، خيرپور ۽ نوابشاهه طرف ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙن عورتن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڦر جون وارداتون وڌي ويون آهن، پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام وئي آھي، ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺي خيرپور شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائي، ميرپورماٿيلي ۾ چوري ۽ ڦر جي وڌندڙ وارداتن خلاف ٿاڻي ٻاهران ڌرڻو، احتجاج ڪندڙن پاران ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلي کي هٽائي بدامني تي ضابطو آڻڻ جو مطالبو.