لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻن ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي لاءِ ”هائبرڊ ماڊل“ ڀارت کي غير منصفاڻون فائدو پهچائيندو، ڇو ته هو پنهنجون سموريون ميچون هڪ ئي هنڌ کيڏندو. آسٽريليا جي اڳوڻي آل رائونڊر شين واٽسن پاڪستان نه وڃڻ تي ڀارت جي فيصلي کي افسوسناڪ قرار ڏنو، واضح رهي ته 19 فيبروريءَ کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۾ ٿيندڙ هن ٽورنامينٽ ان وقت تڪرارن جي ور چڙهي وئي هئي جڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سياسي ۽ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪيترن ئي هفتن جي دير کان پوءِ هائبرڊ ماڊل تي اتفاق ڪيو ويو هو ته ڀارت پنهنجون سموريون ميچو دبئي ۾ کيڏندو، جنهن ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ۽ فائنل به شامل آهي. ڀارت طرفان ايوينٽ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ واري اعتراض بعد چيمپيئنز ٽرافيءَ جي شيڊيول جو اعلان به دير جو شڪار رهيو. پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ الطاف حسين موجب ڀارت واحد ٽيم آهي جيڪا ڄاڻي ٿي ته هوءَ سيمي فائنل ۽ فائنل ڪٿي کيڏندي، جڏهن ته ٻين ٽيمن جي گروپ جا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد ئي اهو معلوم ٿيندو. ڀارت کي ناڪ آئوٽ ميچن ۾ دبئيءَ جي پچن کان واقفيت هجڻ سبب به فائدو پهچندو، ڀارت ان موجب ئي تياري ڪندو. انتخاب عالم جو چوڻ هو ته ٻين ٽيمن جيان ڀارت به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ نه ويندو، ڀارت هڪ ئي گرائونڊ ۽ ان جي ماحول مان فائدو وٺڻ سميت سفر جي ڏکيائين ۽ خرچن کان به بچي پوندو.