غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 88 فسلطيني شهيد ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج ٽن ڏينهن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڀيرا بمباري ڪئي، ٽن ڏينهن دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، 7 آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين شهيدن جو انگ 45 هزار 805 ٿي ويو، هڪ لک 9 هزار 64 ماڻهو زخمي ٿي چڪا.