تازہ ترین

چين ۾ ڪورونا جھڙو نئون وائرس تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا جي 5 سالن کان پوءِ ڪووڊ 19 جھڙو نئون وائرس تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي جنهن جو نالو هيومن ميٽا پينو وائرس (ايڇ ايم پي وي) آهي. چيني سرڪاري ميڊيا موجب هي وائرس 14 سال ۽ ان کان گھٽ عمر جي ٻارڙن ۾ تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي پر ان جي صحيح شدت واضح نه آهي. هيومن ميٽا پينو وائرس پهريون ڀيرو 2000ع ۾ سامهون آيو هو، شدت ۾ ڪا وڏي تبديلي نه آئي، آمريڪا ۾ هر سال 5 سالن کان گھٽ عمر جا 20 هزار ٻار ان وائرس جي ڪري متاثر ٿيندا آهن، وائرس کان بچاءَ جي لاءِ ڪورونا واريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب نئين وارس سان متاٿر ماڻهن ۾ نزلو ۽ ڪورونا جھڙين علامتن جون شڪايتون ملن ٿيو، ايڇ ايم پي وي سميت ساهه جي بيمارين ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، هي هن وقت چين جي اسپتالن ۾ ڦهلجندڙ چئن وڏن وائرل انفيڪشنز مان هڪ آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.