اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير پاران فائرنگ جو واقعو امن معاهدي کي ناڪام بڻائڻ جي سازش قرار، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته شرپسند عنصرن فائرنگ ڪري امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪريل حرڪت ڪئي، فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته حملي ۾ ڊي سي جو زخمي ٿيڻ انتظاميا جي نااهلي آهي، فائرنگ واقعو صوبائي حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.