نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل کان غزا ۾ انساني بحران روڪڻ لاءِ فيصلائتو قدم کڻڻ جو مطالبو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غزا جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، پاڪستان غزا ۾هڪدم ۽ غير مشروط جنگبندي جو به مطالبو ڪري ڇڏيو، پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته عالمي برادري يو اين چارٽر ۽ عالمي قانون جي دفاع لاءِ متحد ٿئي، فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبرشپ ڏني وڃي.