تلنگانه (شوبز ڊيسڪ) سائوٿ انڊين فلم انڊسٽريءَ جي سپر اسٽار الو ارجن کي پوليس ڀاڄ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا موجب هلندڙ مهيني جي 4 ڊسمبر تي حيدرآباد جي سنڌيا ٿيٽر ۾ الو ارجن جي بلاڪ بسٽر فلم ”پشپا2“ جي پريميئر ۾ ڀاڄ پوڻ سبب هڪ عورت مارجي وئي هئي جڏهن ته ان جا ٻه پٽ سخت زخمي ٿي پيا هئا جن جي حالت اڃا تائين ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪار الو ارجن کي سنڌيا ٿيٽر ۾ ڀاڄ پوڻ جي معاملي تي تلنگانه پوليس گرفتار ڪيو آهي. پوليس اهلڪار اڄ صبح الو اجن جي گھر پهتا ۽ کيس سخت حفاظتي انتظامن سان پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو. ڀارتي ميڊيا تي الو ارجن جي گرفتاريءَ جون تصويرو به شيئر ڪيون ويون آهن. الو ارجن سميت ان جي سيڪيورٽي ٽيم ۽ سنڌيا ٿيٽر جي انتظاميه خلاف قتل ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تلنگانه پوليس کي ان ڳالهه جو اطلاع مليو ته الو ارجن اسڪريننگ لاءِ سنڌيا ٿيٽر اچڻ وارو آهي جڏهن ته ٿيٽر جي انتظاميه اداڪار جي آمد بابت آگاهه هئي. ڪيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جي پوليس کي اڳواٽ ڄاڻ هجي ها ته سيڪيورٽي مقرر ڪري سگھجي پئي، ٿيٽر ۾ پهچندڙ وڏي هجوم ۽ سيڪيورٽي جي کوٽ جي ڪري ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي ۽ واقعو پيش آيو.