اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس خلاف درخواستون خارج، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي: جسٽس امين الدين خان جا رمارڪس، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته آرڊيننس کانپوءِ پارليامينٽ قانون سازي ڪري ڇڏي، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته قانون اچي وڃي ته آرڊينس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي، درخواستگذارن جي وڪيل استدعا ڪئي ته آرڊيننس تحت جوڙيل ڪميٽي جي ايڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرڊيننس تحت جوڙيل ڪميٽي ختم ٿي ويئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.