راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ون اسلام آباد توشا خانا ڪيس 2 ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ توشا خانا ڪيس 2 جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪيو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشري بي بي ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشري بي بي کي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو احتساب عدالت جي جج شاهه رُخ ارجمند ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي شروعاتي جاچ نيب ڪئي هئي جنهن ۾ نيب ترميمن جي روشنيءَ ۾ هيءُ ڪيس ايف آءِ اي کي منتقل ڪيو ويو هو. بعد ۾ سيپٽمبر 2024 ۾ ايف آءِ اي جاچ کان پوءِ عدالت ۾ چالان جمع ڪرايو هو.