اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته 300 کان وڌيڪ پاڪستاني شام مان محفوظ طريقي سان ڏيهه پهتا آهن، پاڪستاني سفارتخانو شام ۾ پاڪستانين جي مدد ڪري رهيو آهي، شام ۾ امن ۽ سڪيورٽي انتهائي ضروري آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته عالمي برادري غزا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، غزا ۾ فلسطينين جو قتلام فوري طور بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ستون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.