اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس بابت فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي، عدالت ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل خواجا حارث جا دليل جاري رهيا، سندس چوڻ هو ته ملٽري ڪورٽ ڪيس ۾ عدالتي فيصلو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏنا ته ملٽري ڪورٽس جو سمورو ڪيس آرٽيڪل 8 جي چوڌاري گهمي ٿو، جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڇا 5 رڪني بينچ آرمي ايڪٽ قلمن کي آرٽيڪل 8 سان ٽڪرار ۾ قرار ڏنو؟ ٽڪراءَ ۾ اچڻ جو ڪهڙو جواز فيصلي ۾ ڏنو ويو، ملٽري ڪورٽ جي حراست هيٺ ماڻهن جي ايف آءِ آر جي ڪاپي نه ڏني وئي.