اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اَي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي خلاف ايف آءِ اي جي درخواست اڪلائي ڇڏي، پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي، بشريٰ بي بي ضمانت ملڻ کانپوءِ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيترن ئي ٻڌڻين تي پيش نه ٿي، هوءَ ضمانت جي رعايت جو غلط استعمال ڪري رهي آهي، سندس ضمانت رد ڪئي وڃي: ايف آءِ اي جي استدعا، جوابدار جيڪڏهن پيش نه ٿئي ته ٽرائل ڪورٽ ضمانت رد ڪري سگهي ٿي، اهو هاءِ ڪورٽ جي آرڊر ۾ توهين عدالت نه هوندو، ٽرائل ڪورٽ وٽ اختيار آهي: جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جا رمارڪس.