گوجر خان(ويب ڊيسڪ) نشانِ حيدر شهيد سپاهي سوار محمد حسين جي اڄ 53هين ورسي ملهائي پئي وڃي، چيئرمين چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوج پاران ڀيٽا پيش، آءِ ايس پي آر موجب 1971 جي جنگ ۾ سوار محمد حسين بي مثال جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جون 16 ٽئنڪون تباهه ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو.