تازہ ترین

اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن دوران 9 هزار 959 وڳوڙي گرفتار ڪري ڳرا هٿيار هٿ ڪيا: آءِ جي اسلام آباد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن دوران 9 هزار 959 وڳوڙي گرفتار ڪيا ويا، وڳوڙين وٽان ڪلاشنڪوف ۽ پسٽلن سميت 39 خطرناڪ هٿيار ۽200  کان وڌيڪ گاڏيون هٿ ڪيون ويون، وڳوڙن دوران 3 رينجرز اهلڪار شهيد ۽ 71 قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار زخمي ٿيا، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ چيف ڪمشنر محمد علي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردي ڪئي وئي، 26نومبر تي وحشياڻي انداز ۾ اسلام آباد تي حملو ڪيو ويو، احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق هوندو آهي، احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو، چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي چيو ته قانون ۽ رياست کي چئلينج ڪيو ويو، احتجاج ۾ افغاني به هئا جن کي پڪڙيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ احتجاج جو اهرو طريقيڪار غلط آهي، پي ٽي آءِ کي سنگجاني ۾ احتجاج جي آڇ ڪئي وئي هئي، هن وقت اسلام آباد جا سمورا رستا کليل ۽ روٽ ڪليئر آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.