تازہ ترین

پي ٽي آءِ جي وڳوڙن، پوليس ۽ رينجرز جوانن جي شهادت تي تعزيت ڪريان ٿو: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته  اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي وڳوڙن جي مذمت ڪريان ٿو، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جي شهادت تي تعزيت ڪريان ٿو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته پي ٽي آءِ شرپسندن اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي پر ناڪام ٿي ويا، سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ سان ئي ملڪي معيشت بهتر ٿيندي. مسئلن جو حل ٽڪراءَ بدران ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي،  هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي ڌرڻن يا احتجاج نه پر عدالتن ذريعي ٿيندي، آئين جي بالادستي ذريعي ئي ملڪي ۽ صوبائي مسئلا حل ٿيندا، واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.