تازہ ترین

ليڊرشپ مايوس ڪيو، جاچ ٿيڻ گھرجي ته ڊي چوڪ جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ شوڪت يوسفزئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئيءَ احتجاج بابت پارٽي ليڊرشپ کان مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گھرجي ته احتجاج لاءِ ڊي چوڪ جي ئي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي تصديق ڪئي ته بشريٰ بي بي ۽ ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور مانسهره ۾ موجود ۽ محفوظ آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ليڊر شپ مايوس ڪيو آهي، علي امين گنڊاپور کان سواءِ ڪو ٻيو ليڊر سامهون ناهي آيو، ليڊرشپ ۾ مشاورت ۽ رابطن جي اڻاٺ نظر آئي، پلاننگ جي به کوٽ هئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجه ڪٿي هئا؟ شير افصل مروت به غائب هئو، جڏهن ليڊرشپ وٽ فيصلي جو اختيار نه هو ته ايتري وڏي انگ ۾ ڪارڪنن کي پاڻ سان گڏ چو وٺي ويا؟ شوڪت يوسفزئي چيو ته اڳ ئي خبر هئي ته حڪومت ڊي چوڪ تي فسطائيت جو مطاهرو ڪندي، پارٽيءَ ۾ جاچ ٿيڻ گھرجي ته ڊي چوڪ جي ئي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.