تازہ ترین

تحريڪ انصاف لاشن جي سياست چاهي ٿي: سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف لاشن جي سياست چاهي ٿي، وفاقي گهرو وزير پي ٽي آءِ جي خواهش پوري ٿيڻ نه ڏني، بيلاروس جو صدر وفد سان گڏ دوري تي پاڪستان آيل هو، اهڙن موقعن تي احتجاج جي روايت درست ناهي، هر اهم موقعي تي پي ٽي آءِ پاڪستان کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج ۾ ڪي پي جي سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي، قانوني ۽ اخلاقي طور تي پي ٽي آءِ ڪي پي ۾ حڪومت جو حق وڃائي ويٺي آهي، هن چيو ته احتجاج جو مقصد اِهو ناهي ته اوهان حڪومت کي يرغمال بڻايو، صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ وڌو ويو، پ پ ته ڪو احتجاج نه ڪيو، هڪ مڇي سموري تلاءَ کي خراب ڪندي آهي، پي ٽي آءِ خراب پارٽي نه هئي ان جو ليڊر خراب نڪتو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.