ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ آئٽم سانگ گرل ملڪا شراوت فرانسيسي بزنس مين سان پنهنجي لاڳاپن جي خاتمي جي تصديق ڪئي آهي، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ملڪا شراوت تصديق ڪئي ته هاڻ مان سنگل آهيان، مڪمل اعتماد سان پنهنجي اڪيلائيءَ کي قبول ڪريان ٿي ۽ ان کي پنهنجي لاءِ آزادي مڃان ٿي. شاديءَ جي سوال تي ملڪا شراوت چيو ته مان شاديءَ لاءِ ناهيان پر مان شاديءَ جي خلاف به ناهيان، اهم اهو آهي ته ماڻهو ڇا ٿا چاهين؟ ڳالهين دوران اداڪارا فرانسيسي بزنس مين سائرل آڪزين فينس سان ماضيءَ جي لاڳاپن تي ڳالهائڻ کان پرهيز ڪندي چيو ته اڄ جي دور ۾ هڪ قابل ماڻهوءَ کي ڳولڻ تمام ڏکيو آهي، اسان الڳ ٿي چڪا آهيون ۽ مان ان بابت ڪجھه ڳالهائڻ نٿي چاهيان.