تازہ ترین

مصر جي احمر سمنڊ ۾ سياحن جي ٻيڙي اونڌي، 16 مسافر گم، ٻين کي بچايو ويو

مارسا عالم(ويب ڊيسڪ) مصر جي ڪناري واري علائقي مارسا عالم ۾ سياحن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 16 مسافر ٻڏي گم ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي جي وقت ٻيڙيءَ تي 44 پرڏيهي سياح سوار هئا، جن مان 28 ماڻهن کي فوري طور بچايو ويو. برطانوي ميڊيا موجب حادثي ۾ ٻڏندڙ 12 پرڏيهي سياحن سميت 16 ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. گورنر ريڊ سي ريجن جو چوڻ آهي ته شروعاتي رپورٽ ۾ حادثي جو سبب هڪ وڏي لهر جو ٻيڙيءَ سان ٽڪرائجن ٻڌايو پيو وڃي. حادثي کان اڳ مصري موسميات کاتي احمر سمنڊ ۾ مٿانهين لهرن ۽ خراب موسم جي وارننگ به جاري ڪئي هئي. عملدارن موجب ٻيڙيءَ ۾ ڪي به ٽيڪينيڪي مسئلا نه هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.