تازہ ترین

ٻين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

بلواوائيو (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٻين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، زمبابوي پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 146 رنسن جون هدف ڏنو هو، جيڪو پاڪستان 18.2 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. پاڪستان طرفان 146 رنسن جو هدف بنا ڪا وڪيٽ وڃائڻ جي 19 هين اوور ۾ سولائيءَ سان حاصل ڪري ورتو، صائم ايوب ون ڊي ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪندي 113 رنسون ٺاهيون جڏهن ته عبدالله شفيق 32 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو. ان کان اڳ زمبابوي جي بيٽنگ لائين پاڪستاني بالرن جي سامهون ڄمي بيٽنگ ڪري نه سگھي ۽ ميزبان ٽيم، 32.2 اوورن ۾ 145 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي. پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ ابرابر احمد 4، سلمان علي آغا 3 ۽صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم زمبابوي جي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته هڪ بيٽسمين رن آئوٽ ٿيو هو. ٻين ون ڊي جي ٽاس زمبابوي کٽي هئي ۽ پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.