لاگوس (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪواليفائير ۾ نائجيريا آئيوري ڪوسٽ کي 264 رنسن تان وڏي شڪست ڏئي ڇڏي. سب ريجنل آفريڪا ڪواليفائر جو پنجون ميچ گروپ سي جي ٽيم نائجيريا ۽ آئيوري ڪوسٽ جي وچ ۾ نائجيرين شهر لاهوس ۾ کيڏيو ويو جتي نائجيريا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، لاگوس ۾ کيڏجندر ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ڪنهن به ٽيم سڀ کان وڌيڪ گھٽ اسڪور جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو. نائجيريا جي خلاف آئيوري ڪوسٽ جي ٽيم صرف 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ آئيوري ڪوسٽ جا 7 رانديگر هڪ رنس به ٺاهي نه سگھيا. ان کان اڳ نائجيريا مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 271 رنسون ٺاهيو هيون جنهن ۾ سليم 112 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جواب ۾ آئيوري ڪوسٽ جي پوري ٽيم 8 اوور ۾ صرف 7 رنسن تي ڍير ٿي وئي.