تازہ ترین

190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بيءَ خلاف اڍيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، 190ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو، بشريٰ بي بي جو وڪيل عثمان گل مصروفيتن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيو، ٻڌڻيءَ دوران سهڪاري وڪيل فيصل چوڌري طرفان ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، ان موقعي تي نيب پراسيڪيوشن ٽيم جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري استدعا جي مخالفت، نيب جي وڪيل چيو ته  36 ٻڌڻيون ٿي چڪيون، بشريٰ بي بي جو وڪيل آڏي پڇا مڪمل نه پيو ڪري، ڪيس کي غير ضروري ڊيگهه ڏني پئي وڃي، آڏي پڇا جو حق ختم ڪيو وڃي، عدالت فريادي ڌر جي وڪيلن کي اربع ڏينهن آڏي پڇا جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آڏي پڇا مڪمل نه ڪئي وئي ته آڏي پڇا جو حق ختم ڪيو ويندو. عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.