تازہ ترین

سنڌ ۾ 12 پوليو ڪيس ظاهر ٿيا، مهم گذريل ڏينهن ختم ٿي: عذرا فضل پيچوهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچو چيو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم گذريل ڏينهن ختم ٿي وئي، پوليو جي خاتمي واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي  دوران صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پوليو مهم بابت 2600 آگاهي پروگرام ڪرايا ويا، پوليو مهم لاءِ 65 هزار ٽيمون جوڙيون ويون، سنڌ ۾ 12 پوليو ڪيس ظاهر ٿيا، متاثر ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ جو شڪار هئا، ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا هئا، خوراڪ جي کوٽ سبب مرض جو شڪار ٿيا، 4 سئو ڪووڊ ويڪسينيٽرز کي پوليو مهم تي مقرر ڪيو ويو، صحت کاتي ۾ وڌيڪ 14 سئو ويڪسينيٽرز ڀرتي ڪنداسين، افغانستان ۾ پوليو جي خاتمي تائين پاڪستان ۾ پوليو ختم نه ٿيندو، افعانستان جا ماڻهو پاڪستان ايندا رهن ٿا ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ هو اچي رهن ۽ ڪاروبار ڪن ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.