تازہ ترین

سنڌ اسيمبليءَ ۾ آئيني بئنچز جي قيام وارو ٺهراءُ منظور، اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران آئيني بئنچز جي قيام وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، آئيني بئنچز جي قيام وارو ٺهراءَ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايوان ۾ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق مخالفت ڪئي، سنڌ اسيمبليءَ جي 123 اسيمبلي ميمبرز آئيني بئنچز جي قيام واري ٺهراءَ جي حمايت ڪئي، پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرز ٺهراءَ لاءِ ووٽنگ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته جمعايت اسلاميءَ جي هڪ ميمبر ۽ پي ٽي آءِ جي 3 ميمبرن ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي. ان کان اڳ پورهئي کاتي بابت سوالن جوابن جو وقفي دوران صوبائي وزير شاهد عبالسلام چيو ته سکر ۾ سوشل سڪيورٽي اسپتال کي اپ گريڊ ڪيو آهي، چونڊڪو ۾ 50 بسترن تي ٻڌل اسپتال به قائم ڪئي وئي آهي، شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو ته صوبي ۾ پورهئي کاتي جون 5 اسپتالون ۽ 42 ڊسپينسريز آهن، اسپتالن ۽ ڊسپينسريز ۾ پورهيتن جو علاج ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.