تازہ ترین

هانگ ڪانگ ورلڊ سپر سڪسز ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست

هانگ ڪانگ (اسپورٽس ڊيسڪ) هانگ ڪانگ ورلڊ سپر سڪسز ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ سريلنڪا پاڪستان کي هارائي ٻيون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. مونگ ڪاڪ ۾ کيڏيل ايوينٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان فيلدنگ جو فيصلو ڪيو، شروعاتي اوورن ۾ ئي گرين شرٽس جا 2 رانديگر آئوٽ ٿي ويا، پاڪستان طرفان محمد اخلاق کان سواءِ ڪو به بيٽسمين لنڪن بالرن جو مقابلو نه ڪري سگھيو، اخلاق 48 رنسن جي اننگز کيڏي، ٻين بيٽسمينن ۾ ڪپتان فهيم اشرف 13، عامر يامين 6، جڏهن ته علي صفر ۽ حسين طلعت هڪ رنس جا مهمان ثابت ٿيا. گرين شرٽس جي پوري ٽيم مقرر 6 اوورن ۾ 72 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، سريلنڪا طرفان ڌننجايا لڪشن ۽ ٿريندو رٿنائيڪي 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون. حدف پويان سريلنڪا ٽيم احتياط سان کيڏندي رهي ۽ هڪ اوور اڳ 3 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. سريلنڪا طرفان سندون ويراڪوڊي 34، ڌننجايا لڪشن 2، ڪپتان لهورو مدهوشانڪا 19 رنز ٺاهي نمايا رهيا جڏهن ته پاڪستنا جي طرفان فهيم اشرف 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.