تازہ ترین

آمريڪا روس کي جنگي سامان وڪڻندڙ 19 ڀارتي ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا روس کي جنگي سازو سامان وڪرو ڪندڙ 19 ڀارتي ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا طرفان سموري دنيا جي لڳ ڀڳ 400 ڪمپنين ۽ ماڻهن تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل فهرست ۾ ڀارت سان چين، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ترڪي ۽ گڏيل عرب امارتن سميت ٻيا ملڪ شامل آهن.آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب هي پابنديون روسي فوج کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان فراهم ڪرڻ تي لاڳو ڪيو ويون آهن، روس طرفان يوڪرين خلاف غير قانوني  جنگ وڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪندڙن خلاف آمريڪا ۽ ان جا اتحادي اهڙا قدم کڻندا رهندا،. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي نائب سيڪريٽري والي ايديمو چيو ته آمريڪا ۽ اسان جا اتهادي سموري دنيا ۾ فيصلائتي ڪارروائي ڪندا رهنداسين جيئن روس يوڪرين خلاف پنهنجي جنگ جاري رکڻ لاءِ  ضروري اوزار ۽ ٽيڪنالاجيز کي وهڪري کي روڪي سگھجي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي تيار ڪيل 120 ڪمپنين جي فهرست ۾ شامل چار ڀارتي ڪمپنين خلاف الزامن جا تفصيل به ڏنا ويا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.