تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي دورو، گڏيل پريس ڪانفرنس

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن دوران سعودي وزير خالد بن عبدالعزيز جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ڳانڍاپا آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي ولي عهد سان ملاقات ٿي آهي، شهباز شريف ۽ ولي عهد وچ ۾ ملاقات هاڪاري رهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو، سعودي عرب لکين پاڪستانين جو ٻيو گھر آهي. ان موقعي تي سعودي وزيرا چيو ته اسان جو پاڪستان جو دورو ڪامياب ويو پاڪستان دوري دوران 27 مفاهمتي ياددشتن تي صحيحون ٿيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهتي يادداشتن جو انگ وڌي 32 ٿي ويو آهي، معاهدن تحت سيڙپڪاري جو ڪاٿو 2.8 ارب ڊالرز ٿي ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد پاڪستان جو تمام گھڻو قدر ڪندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا ڳانڍاپا آهن، سعودي ولي عهد هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ جون منزلون طئي ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ تي سعودي ولي عهد جو ٿورائتو آهيان، 35 لک پاڪستان سعودي عرب ۾ رهن ٿا، سعودي کي ضرورت موجب هنرمند افرادي قوت فراهم ڪنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.