ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، جنهن دوران بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ ڪراچيءَ جي معاملن تي بحث ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته عوام بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب پريشان آهي، بجلي ڪمپنين جي سربراهن کي ايوان ۾ گھرايو وڃي، هن چيو ته شهرين کي گاڏين جي نمبر پليٽ حاصل ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويو آهي، ڪا به اڻ رجسٽرڊ گاڏي پورٽ کان ٻاهر نه نٿي نڪري سگھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون آڻي رهي آهي.