تازہ ترین

وزيراعظم اڄ 2 ڏينهن لاءِ قطر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي ترجمان

قطر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ 2 ڏينهن لاءِ قطر جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته  وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي، وزيراعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم دوحه ۾ قطري پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪندو، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب  ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو، وزيراعظم قطر ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪري سيڙپڪاري جا موقعا ڳوليندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 آڪٽوبر تي قطر ۾ ثقافتي نمائش جو به افتتاح ڪندو، نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميراتي ورثي کي اجاگر ڪندي، ثقافتي نمائش ٻنهي ملڪن وچ ۾ گِھرن رابطن کي اجاگر ڪندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.